حب ڀرسان ڪسٽم ڪارروائي ڪري ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪسٽم عملدار ڊاڪٽر طاهر قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪوئيٽاکان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ تي ڇاپو هنيو ويو. صوفن سان ڀريل ٽرڪ جي تلاشي دوران پيٽين مان لڪايل هڪ سئو چار ڪلو اعليٰ ڪواليٽي جو چرس هٿ ڪيو ويو. ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن عبدالوارث ۽ صدام کي گرفتار ڪيو ويو. ڪليٽر طاهر قريشي چيو ته ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي. طاهر قريشي جو چوڻ هو ته هٿ آيل منشيات جي قيمت ڪروڙين رپيان آهي.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...