پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جو امن خطي جي امن لاءِ ضروري آهي، هو چاهن ٿا ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي. قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي سربراهه ملا عبدالغني جي سربراهيءَ ۾ طالبان سياسي ڪميشن جو 9 رڪني وفد پاڪستان پهتو. ملا عبدالغني برادر جي سربراهيءَ ۾ طالبان سياسي ڪميشن جو نو رڪني وفد قطر کان آيل اڏام ذريعي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جنهن تي دوران سڪيورٽي انتظام ڪيا ويا. سينيٽر پاڪستاني عملدارن طالبان وفد جي آجيان ڪئي، وفد کي سرڪار مهمان جو درجو ڏنو ويو آهي. طالبان وفد پرڏيهي آفيس پهتو، جتي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سندن آجيان ڪئي، جنهن بعد وفد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سان طالبان وفد جي ملاقات دوران افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي بابت ڳالهيون ڪيون ويون. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته افغان طالبان وفد سان گذريل ٻه ويهڪون لاڀائتيون ثابت ٿيون، بين الافغان ڳالهين سان قاعدن ۽ ضابطن تي اتفاق سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جو شروع کان موقف آهي ته افغانستان مسئلي جو حل بامقصد ڳالهيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جو امن خطي جي امن لاءِ ضروري آهي، هو چاهن ٿا ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي. طالبان سياسي ڪميشن جو وفد 16 کان 18 ڊسمبر تائين پاڪستان ۾ ترسندو ۽ حڪومتي عهديدارن سان ڳالهيون ڪندو، جنهن دوران افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...