مسلم ليگ ن جي نائب صدر، سينيٽ چونڊون هڪ مهينو اڳ ڪرائڻ وارو حڪومتي اعلان غيرقانون قرار ڏيندي چيو آهي ته ذاتي مفادن لاءِ آئين جي صورت خراب ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، عمران خان ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين به پاڻ بڻجي ويو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته حڪمران ڪجهه به ڪن پر حڪومت نه بچندي، هنن کي پنهنجن کي پارليامينٽ ميمبرن تي اعتبار ناهي ان ڪري شو آف هينڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سينيٽ چونڊن جي طريقيڪار کي تبديل ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي، آرڊيننس جو مطلب سڄي پارليامينٽ کي بلڊوز ڪرڻ هوندو، ذاتي مفادن لاءِ آئين جي صورت بگاڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. مريم نواز چيو ته حڪمرانن کي خبر پئجي وئي آهي ته حڪومت کان ڏينهن ٿورا بچيا آهن، هي ڪجهه به ڪن کين گهر وڃڻو پوندو. ن ليگ جي نائب صدر چيو ته ڪتن سان کيڏڻ الڳ ڳالهه پر ادارن سان کيڏڻ خطرناڪ آهي، عمران خان ڪتن سان کيڏي پنهنجو ڊپ ختم ڪري رهيو هو. مريم نواز چيو ته عمران خان ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين به پاڻ بڻجي ويو آهي، نيب چيئرمين جو نالو عمران خان آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي استعيفائن تي اليڪشن ڪرائڻ جون ڳالهيون ڌمڪي آهن، ڇا هي اليڪشن ڪرائيندا ۽ هو چوڙيون پائي گهر ويهي رهندا؟ هي ڪو ماسيءَ جو گهر ناهي جو هي ننڍي چونڊ جو اعلان ته هو تسليم ڪندا. ن ليگ جي نائب صدر چيو ته جعلي حڪومت پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس کي ڏسي. سندس چوڻ هو ته بلاول ۽ شهبازشريف وچ ۾ ملاقات بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن، پي ڊي ايم استعيفائن جو فيصلو ڪندي ته شهبازشريف گڏ هوندو. هڪ سوال جي جواب مريم نواز چيو ته ڇا ڪنهن کي نوازشريف جي صحتمند هجڻ تي اعتراض آهي؟ ڇا دل جو مريض پيزا نه ٿو کائي سگهي؟
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...