وزيراعظم عمران خان معاشي ٽيم جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس اڄ ٿيندو. اجلاس ۾ وفاقي وزير ۽ خاص مددگار توڙي صلاحڪار شرڪت ڪندا. حڪومتي معاشي ٽيم وزيراعظم کي ملڪي معاشي، اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏيڻ سان گڏ اقتصادي شرح جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪندي. معاشي ٽيم وزيراعظم عمران خان کي ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جي اثرن توڙي معاشي سرگرمين جي اثرن بابت ڄاڻ ڏيندي.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...