اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته ڏيڍ سئو ميمبر استعيفيٰ ڏين ته اسيمبلي نه هلي سگهندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته وڪيٽ جي ٻنهي طرفن کيڏڻ بابت ڳالهيون ڪندڙ پاڻ ائين ڪندا هوندا، نون ليگ جي سي اي سي ۾ اهڙيون ڳالهيون ناهن ٿينديون. هن چيو ته ڏيڍ سئو ميمبر استعيفيٰ ڏين ته اسيمبلي نه هلي سگهندي، مخالف ڌر کانسواءِ قانونسازي نٿي ٿي سگهي. اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته استعيفائن بعد ميمبر گهرن ۾ نه ويهندا، لانگ مارچ ۽ استعيفيٰ سندن آپشن آهي. نون ليگ ايم اين اي راڻا ثناءَ الله جو چوڻ آهي ته 11 فيبروري کان اڳ سينيٽ چونڊن جو شيڊول جاري ٿيو ته غير آئيني هوندو، هو ان خلاف عدالت سان رابطو ڪندا. سندس چوڻ هو ته کين اليڪشن ڪميشن مان ڪا اميد نه اهي ته ڪو غير قانوني قدم کنيو ويندو، فيبروري ۾ شيڊول ڏيڻو آهي ته ڇا فرق پوندو، چونڊون 8 مار بدران 3 مارچ تي ٿين. راڻا ثناءَ الله چيو ته ميان جاويد سستي شهرت لاءِ ميڊيا ۾ اهڙو بيان ڏنو، ان کان وڌيڪ ڪا حيثيت نه آهي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...