وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مخالف ڌر ڀَلي لانگ مارچ ڪري، سندن آجيان ڪئي ويندي، وزيراعظم عمران خان پنجن سالن جو آئيني مدو پورو ڪندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته فيبروري ۾ استعيفائون ڏيندڙ ڀلي سڀاڻي ئي پنهنجو شوق پورو ڪن. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر ڀلي لانگ مارچ ڪري، هو سندن آجيان ڪندو، واضح ڪرڻ چاهين ٿا ته عمران خان پنهنجا پنج سال پورا ڪندو. شيخ رشيد چيو ته عمران خان معاشي ۽ سياسي حالتن مان ملڪ کي ڪڍي اڳتي وٺي ويندو ۽ معيشيت بهتر ڪندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان مٿس اعتماد ڪيو آهي، هو سئو ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي آڻيندو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته پوليس کي پهريون ڀيرو عزت ملي رهي آهي، جنهن جو ڪريڊٽ عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته هڪ لک سڃاڻپ ڪارڊ روزانو جاري ڪيا ويندا ۽ پهريون مفت هوندو، جلد سمورن تعلقن ۾ نادرا جا سينٽر کوليا ويندا. سندس چوڻ هو ته جيڪي تعلقا رهيل آهن اتي هر هفتي نادرا جو سينٽر کوليو ويندو، جيئن شهرين کي سهولت ملي سگهي.