سعودي سرڪار پاران عالمي پروازن تي پابندي بعد پي آءِ اي اڄ سموريون اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. پي آءِ اي جي ترجمان موجب ملتان کان جده، لاهور کان جده، اسلام آباد کان دمام، لاهور کان دمام، ڪراچي کان مدينه ۽ مدينه کان ڪراچي جون سموريون اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. هن چيو ته لاهور کان مدينه ۽ ڪراچي کان جده جون اڏامون به ملتوي ڪيون ويون. سندس چوڻ هو ته ڄاڻايل اڏامن جا مسافر پي آءِ اي جي ڪال سينٽر تي فون ڪري ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. ڪورونا جي نئين لهر تيزي سان پکڙجڻ سبب سعودي جي گهرو وزارت عالمي اڏامن تي هڪ هفتي لاءِ پابندي مڙهي هئي.