سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ڪتن سورنهن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. قمبر ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن تيرنهن ڄڻن کي چڪي زخمي ڪيو. متاثر سهانا، حارث، سونهن، سلطانه، انيلا، محمد جان، غلام عباس، طالب حسن، ارمانه، غلام حسين ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين کي ويڪسين جي لاءِ قمبر سولا سپتال منتقل ڪيو ويو. جتان کين ويڪسن ڪرڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. غوثپور ۾ پڻ ڪتن امجد باجڪاڻي، طيب بهلڪاڻي ۽ مائي سوڍي کي ڏاڙهي زخمي ڪيو، جن کي ويڪسين جي لاءِ صحت مرڪز منتقل ڪيو ويو. متاثرن کي ويڪسين ۽ مرهم پٽي ڪرڻ کانپوءِ گهر روانو ڪيو ويو.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...