خيرپور جي عدالت اي ايس آءِ بلاول وساڻ قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ٽن جوابدارن کي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. پوليس جوابدار زاهد راجپوت، ثقلين شاھ فراز راجپوت کي پوليس ۽ رينجرز جي سخت پهري ۾ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي پوليس ٽنهي جوابدارن کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو. دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج انعام علي ملڪ پوليس جي درخواست تي جوابدارن ثقلين شاھ، فراز راجپوت ۽ زاهد راجپوت کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالتي حڪم بعد پوليس ٽنهي جوابدارن کي بڪتر بند گاڏي ذريعي جيل منتقل ڪيو.