وفاقي ڪابينا ڇهين آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا ڇهين آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا پاران اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 16 ڊسمبر وارن فيصلن جي به منظوري ڏني وئي. ڪابينا سي ڊي اي آرڊيننس 1980 ۾ ترميم جي منظوري به ڏئي ڇڏي. اجلاس دوران موبائل مينوفيڪچرنگ پاليسي جي به منظوري ڏني وئي.