وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گيس بحران بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وزير امتياز شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ گيس بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گيس بحران سبب سيڙپڪار ۽ گهريلو واهپيدار به پريشان آهن. هن چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ گيس پيدا ڪري ٿو، ان هوندي به گئس کان محروم رکيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سڀ کان پهرين ۾ سنڌ مان نڪرندڙ گئس مان صوبي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي گيس کان محروم ڪرڻ آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي. وڏي وزير پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته گيس بحران بابت سنڌ جو ڪيس تيار ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته گئس جي غير منصفاڻي ورڇ جو مسئلو وفاقي سرڪار آڏو اٿاريندس.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...