آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارتي فوج جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، گڏيل قومن جي مبصرن تي حملو خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، پاڪ فوج ايل او سي تي آباديءَ جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ايل او سي تي اڳين جو دورو ڪيو. ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس آرمي چيف جي آجيان ڪئي. دوري دوران آرمي چيف اڳين مورچن تي موجود جوانن سان ملاقات ڪئي. آرمي چيف کي ايل او سي تي ڀارتي اڳرائين بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ گڏيل قومن جي مصبرن جي گاڏي تي ڀارتي حملي بابت به کيس آگاهه ڪيو ويو. جنرل قمر جاويد باجوه، اڳين مورچن تي موجود جوانن جي بلند حوصلي جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ڀارتي اڳراين خاص طور گڏيل قومن جي مبصرن جي گاڏين کي نشانو بڻائڻ وارا قدم خطي جي امن لاءِ خطرو آهن. هن چيو ته ڀارتي فوج جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ايل او سي تي موجود آبادي جي تحفظ لاءِ سمورا قدم کڻندي، وطن جي جاگرافيائي سرحدن ۽ وقار جو تحفظ هر قميت تي يقيني بڻايو ويندو.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...