ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي بلاڪ 13 ڊي ۾ريلوي پوليس جو حد دخيلن خلاف آپريشن ڪري سئو کان وڌيڪ ڪکاوان اجها ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. پوليس ڪکاوان اجها ڊاهڻ لاءِ پهتي ته ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هاشم جوکيو ڳوٺ پراڻو آهي، اڌ صدي کان هو هن ڳوٺ ۾ رهن پيا. هنن چيو ته عدالت ۾ ڪيس هجڻ باوجود پوليس اجها ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. سندن چوڻ هو ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڳوٺ خالي نه ڪندا ۽ کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. هوڏانهن ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته چار ايڪڙ زمين ريلوي سوسائٽي جي ملڪيت آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آپريشن ڪيو ويو آهي. ڪاموري جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي.
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن. انڊس هاءِ...