سنڌ ۾ رولو ڪتن جي آزار تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، مختلف شهرن ۾ ڪتن ٽن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. مديجي ڀرسان ڳوٺ قلندر بخش بروهي ۾ ڪتي سورنهن ورهين جي نوجوان گوگي اصغر بروهي کي چڪي زخمي ڪيو. نوجوان کي طبي امداد لاءِ مديجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس ويڪسين فراهم ڪرڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو. منهڙي ۾ به ڪتي دلشاد گاڏهي کي ڏاڙهي زخمي ڪيو، جڏهن ته ڳوٺاڻن ڇتي ڪتي کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماري وڌو. زخمي کي ويڪسين جي لاءِ سونهري فارم اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ويڪسين نه هجڻ تي متاثر جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو. تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ علي مراد لاشاري ۾ ڪتن ڏهن ورهين جي نينگر حبيب الله لاشاري کي چڪي زخمي ڪيو. نينگر کي طبي امداد لاءِ صحت مرڪز منتقل ڪيو ويو، جتي کيس ويڪسين ڏيڻ بجاءِ واپس گهر وانو ڪيو ويو.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...