ڪورونا وبا جي نئين لهر جي نتيجي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجا بارڊر اچ وڃ جي لاءِ بند ڪري خاص طور تي برطانيه کان اچڻ تي پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو ٻيهر خوف ۽ بي چيني جي فضا قائم ٿي آهي پر کائڻ پيئڻ جي شين جي کوٽ پڻ پيدا ٿي آهي. ماهرن مطابق ڪورونا وائرس جي هي نئين شڪل پهريان آيل وائرس کان وڌيڪ خطرناڪ آهي ۽ 70 سيڪڙو وڌيڪ پکڙجندڙ آهي. هن وائرس جي نئين قسم جي چڪاس برطانيه کان ٿي جتي عام ڏينهن کان ڪيترائي سيڪڙو وڌيڪ ڪيس اچڻ لڳا، جنهن تي ماهرن تشخيص ڪري وائرس جي نئين قسم جو اعلان ڪري ماڻهن کي ٻيهر گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. ياد رهي ته ڪورونا وبا کان دنيا ۾ 7 ڪروڙ 73 لک ماڻهون متاثر ٿيا آهن ۽ 17 لک ماڻهون پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ڪورونا جي نئين لهر دنيا ۾ ٻيهر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ آمريڪي سينيٽ وائرس خلاف وڙهڻ لاءِ 8 ارب 29 ڪروڙ ڊالر جي امداد اعلان ڪيو.
برطانيه ۾ وائرس جو نئون قسم اچڻ بعد ڪيترن ئي ملڪن پنهنجا بارڊر برطانيه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن بعد برطانيه لاءِ چيو پيو وڃي ته کائڻ پيئڻ جي سامان جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن تي برطانيه جي لاڳاپيل اداري جو چوڻ هيو ته برطانيه اندر کائڻ پيئڻ جون شيون وافر مقدار ۾ دستياب آهن ۽ ڪنهن به قسم جي کوٽ جوخدشو نه آهي. ان سلسلي ۾ توڙي جو وائرس برطانيه اندر ئي سامهو آيو آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته وائرس رڳو برطانيه تائين محدود نه هوندو پر ٻين ملڪن تائين پڻ پهچي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ جرمني جي ميڊيڪل ريسرچ اداري آر ڪي آئي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته توڙي جو اهڙو ڪو ريڪارڊ يا ڊيٽا سامهون نه آيو آهي پر ان جا امڪان آهن ته وائرس جو نئون قسم جرمني تائين پهچي چڪو هوندو. واضع رهي ته وائرس سبب برطانيه ئي تنهائي جو شڪار نه آهي پر ڏکڻ آفريقا پڻ اهڙي قسم جي سفري پابندين جو شڪار آهي ۽ هن وقت دنيا کان سفري طور ڪٽيل آهي.
دنيا اندر تيزي سان وڌندڙ وائرس جي خطري ۾ ملڪ تنهائي ۽ لاڪ ڊائون ڏانهن وڃي رهيا آهن. فرانس ۾ به ساڳي طرح ويڪسين جي تياري زور پڪڙي وئي آهي. فرانسيسي صحت کاتي جي وزير جو چوڻ آهي ته هو مڪمل طور تيار آهن ۽ رڳو يورپي ميڊيسن ايجنسي طرفان اپروول جو انتظار پيا ڪن جيڪو اميد آهي ته 26 ڊسمبر تائين اچي ويندو جنهن بعد آچر کان ويڪسينيشن جي شروعات ڪئي ويندي. انهن حالتن ۾ روس کي ڏسجي ته اتي به 28 هزار نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن بعد متاثرن جو ٽوٽل انگ وڌي 29 لکن کان وڌي ويو آهي. نه رڳو اهو پر دنيا جا ٻيا به ڪيترا ئي وائرس جي نئين لهر سبب پنهنجا بارڊر بند ڪري رهيا آهن. انهن ۾ تازو ئي سعودي عرب سميت وچ اوڀر جون ٻيون رياستون به شامل آهن. واضع هجي ته وائرس جي وڌندڙ خدشي سبب ڊبليو ايڇ او ايمرجنسي اجلاس گهرائي ورتو آهي. ڊبليو ايڇ او جي ترجمان جو ان سلسلي ۾ چوڻ هيو ته وائرس جي نئين قسم بابت اڃان ڪا واضع اطلاع نه آهي پر جاچ جاري آهي.