اڳوڻي صوبائي وزير ۽ خوابن جي شهزادي منظور وساڻ چيو آهي ته سينيٽ چونڊ مارچ ۾ ٿيندي ۽ 2021 ۾ عمران خان پاڻ استعيفيٰ ڏيندو. ڪوٽڏيجي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ ڊڪٽيٽر شپ وانگر حڪومت ھلائيندڙن خلاف پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان جدوجھد ڪري رھيا آھن. هن چيو ته پي ڊي ايم اتحاد رڳو حڪومت خلاف جدوجھد ڪندڙ اتحاد آھي، ان ۾ شامل سمريون پارٽيون پنھنجي پنھنجي نشان تحت اليڪشن وڙھنديون. سندس چوڻ هو ته جنھن نموني سان عمران خان جي حڪومت بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ان جدوجھد خلاف سموريون مخالف ڌر جون پارٽيون گڏ آھن. منظور وساڻ چيو ته سينيٽ چونڊ مارچ ۾ وقت تي ٿيندي، 2021 ۾ عمران خان پاڻ استعفيٰ ڏيندو. هن چيو ته فردوس عاشق اعواڻ سڀني پارٽين مان گذرندي آھي، سندس بيان تي پريشان ناھن ٿيندا. منظور وساڻ چيو ته پي ڊي ايم ۾ نه اڳ اختلاف ھيا نه ھاڻ آھن، حڪومت ۽ سندس ساٿاري پي ڊي ايم ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪن ڪامياب نه ٿيندا.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...