صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان پاران ڪرسمس جي ڏهاڙي تي مسيحي برادري کي مبارڪ ڏني وئي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ڪرسمس ۾ ڪورونا ايس او پيز جو خيال رکو ۽ محفوظ رهو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪرسمس جي ڏهاڙي تي مسيحي برادري کي مبارڪ ڏني وئي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام پوري انسانيت لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ احترام جي علامت آهي. سندس چوڻ هو ته قائد اعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي زبردست حمايت ڪئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئين تحت هر شهري کي مذهب ۽ عبادت جي آزادي حاصل آهي. وزيراعظم عمران خان پاران ڪرسمس جي ڏهاڙي تي ملڪ ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي مبارڪ ڏني وئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ عمران خان چيو ته ڪرسمس دوران ڪورونا ايس او پيز جو خيال رکو ۽ محفوظ رهو.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...