ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائشي ڏهاڙي تي سندس مزار تي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪيڊٽس گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا. مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي، جنهن ۾ ڪمانڊنٽ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ميجر جنرل عمر احمد بخاري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب دوران پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪيڊٽس مزار قائد تي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا. ڪمانڊنٽ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي عمر احمد بخاري مزار قائد تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ميجر جنرل عمر احمد بخاري قائد اعظم جي مزار تي مهمان واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...