مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نااهل ۽ ناڪام شخص عمران خان پي ڊي ايم کان اين آر او گهري رهيو آهي، فوج نه پر سليڪٽيڊرن کي چون ٿا ته هو پوئتي هٽي وڃن پوءِ هو ڄاڻن، عوام ڄاڻي ۽ عمران خان ڄاڻي، شهباز شريف کان اين آر او جي خيرات گهرڻ لاءِ جيل جا دروازا کوليا وڃن ٿا، هڪ پيج جو رينگٽ ڪري عمران خان سڀ کان وڌيڪ فوج کي بدنام ڪيو، نالائقي لڪائڻ لاءِ چوي ٿو ته فوج منهنجي پويان بيٺل آهي، سندس نالائق جو بار ۽ مخالف ڌر خلاف سياست ۾ گهلڻ تي فوج مٿان تنقيد ڪئي ويندي آهي، کيس آڻيندڙن کي هاڻي پوئتي هٽڻو پوندو، مهانگائيءَ جي خاتمي جو مطالبو ڪرڻ تي چيو پيو وڃي ته مخالف ڌر فوج خلاف ڳالهائي رهي آهي، جعلي وزيراعظم ڀارت ۽ آمريڪا وڃي پاڪ فوج تي حملا ڪيا، مهانگيءَ جي خاتمي لاءِ نالائق حڪومت کي گهرو ڀيڙو ڪرڻو پوندو، ووٽ چوري ڪري نالائق ۽ نااهل کي 22 ڪروڙ تي مڙهيو ويو آهي، اڍائي سالن کانپوءِ عمران خان پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته کيس ڪجهه نه ٿو اچي، پاڻ چوي ٿو ته تياريءَ کانسواءِ حڪومت ۾ نه اچڻ گهرجي، کيس چوڻ گهرجي ته تياري کانسواءِ حڪومت ۾ نه آندو وڃي، مهانگائي سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن پر چوي ٿو ته سندس وس ۾ ڪجهه ناهي، نواز شريف کي واپس آڻڻ جون ڳالهيون ڪندڙ بينظير جي قاتل ۽ آئين ٽوڙيندڙ مشرف جي واپسي جي ڳالهه به نه ٿاڪن، آئين ٽوڙيندڙ پرويز مشرف لاءِ ملڪ جا در هميشه لاءِ بند ٿي ويا آهن.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...