سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجيءَ ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ پنجن ڄڻن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. باڊهه ۾ نصيرآباد روڊ تي گڏھ گاڏي ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان لياقت بروھي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ 2 جڻا ابوبڪر بروھي ۽ حڪيم بروھي سخت زخمي ٿي پيا. حادثي کانپوءِ فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ لهُر باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار مزدا موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ يار محمد ڪالوني واسي ٻه سڳا ڀائر اظهر علي ۽ مظهر چاچڙ سخت زخمي ٿي پيا. حادثي بعد زخمين کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ٻنهي ڀائرن کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي مکڻ کپائڻ لاءِ ماهوٽا ڏانهن وڃي رهيا هئا ته لهر باءِ پاس وٽ تيز رفتار مزدا جي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿيا آهن. سندن چوڻ هو ته حادثي بعد کين اسپتال آندو ويو ۽ مزدا ڊرائيور فرار ٿي ويو.