ايراني عملدارن کي يقين آهي ته 27 نومبر تي ملڪ ۾ اهم ترين جوهري سائنسدان جي قتل ۾ اسرائيل جو هٿ آهي. ان يقين پٺيان سبب اهو آهي ته اسرائيل انهن ڳڻيل ملڪن ۾ شامل آهي جنهن وٽ ايراني سرزمين تي هڪ انتهائي اهم هدف کي نشانو بڻائڻ جو سبب ۽ صلاحيت ٻئي موجود آهن. پر ڏٺو وڃي ته اسرائيل پهريان به اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪري چڪو آهي. سن 2010 کان 2012ع وچ ۾ ايران جي جوهري پروگرام سان لاڳاپيل گهٽ ۾ گهٽ چئن سائنسدانن کي قتل ڪيو ويو هيو جڏهن ته هڪ حملي جي نتيجي ۾ هڪ سائنسدان شديد زخمي ٿيو هيو. نه رڳو اهو پر اسرائيل سيڪرٽ سروس ايران ۾ ڪيترين ئي اهڙين ڪاررواين ۾ ملوث هوندو آهي جنهن جي هُو ذميواري قبول نه ڪندو آهي ڇو ته ان سان ايران کي ڪارروائي جو جواز ملي ويندو.
اسرائيلي معاملن جي ماهر ريز زيمٽ جو چوڻ آهي ته جيستائين ڳالهه ايران جي نيوڪليئر پروگرام جي آهي ته اهڙا گهٽ ملڪ آهن جيڪي ايران جي جوهري پروگرام کي روڪڻ ۾ ايتري دلچسپي رکن ٿا. هُن بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته عام طور تي موساد يا سي آءِ اي ٻئي گڏجي اهڙي قسم جو ڪارروايون انجام ڏيندا آهن. واضح رهي ته هي ٻئي ايجنسيون ڪافي عرصي کان ايران جي جوهري پروگرام کي ڳجهين ڪاررواين ذريعي نقصان رسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌُل آهن.ڊبلن ڪاليج ۾ انٽرنيشنل سڪيورٽيز جي پروفيسر رچرڊ ميهر جو چوڻ آهي ته “ايران جي جوهري پروگرام کي ختم ڪرڻ خلاف ڳجهيون ڪارروايون 20 سالن کان جاري آهن”. رچرڊ جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ سي آءِ اي سٽڪس نيٽ نالي ڪمپيوٽر روم ٺاهيو جنهن جو مقصد نتنز ۾ موجود ايراني نيوڪليئر پروگرام ۾ استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽر نظام کي متاثر ڪرڻ هيو. ان سلسلي ۾ سن 2007 کان 2010ع وچ ۾ ان پروگرام تي مختلف قسم جا سائبر حملا ٿيندا رهيا جنهن جي نتيجي ۾ هن پلانٽ ۾ سينٽري فيوجز جو پنجون حصو ناڪاره ٿي ويو هيو.
2012 _2010 ع جي عرصي ۾ مخلتف واقعن دوران ايران جي پنج سائنسدانن کي حملي جو نشانو بڻايو ويو. رچرڊ جو چوڻ آهي ته 2015ع ۾ ٿيندڙ جوهري معاهدي جي صورت ۾ انهن ڪاررواين ۾ گهٽتائي آئي آهي پر 2018ع ۾ موساد هڪ ايراني گودام تي حملو ڪري اتان جوهري پروگرام سان جڙيل دستاويز هٿ ڪري ورتا. تازو ئي وري ايران خلاف ڳجهين ڪاررواين ۾ ڊرامائي انداز ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. انهن ڪاررواين ۾ ڪجھه مهينا اڳ نتنز جوهري پاور پلانٽ تي پراسرار ڌماڪا پڻ شامل آهن، جنهن تي ايران جو الزام آهي ته انهن ۾ موساد ملوث آهي. نه رڳو اهو پر تازو ئي محسن فخري زاده جو قتل به واضح طور تي اسرائيل ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ايران طرفان ڪا واضح ڪارروائي نظر نه آئي آهي جڏهن ته ريز زيمٽ جو چوڻ آهي ته ايراني حڪومت درست وقت جي انتظار ۾ آهي، ڇو ته صدر روحاني اهو واضح ڪري چڪو آهي ته ايران يهودي ڄار ۾ نه ڦاسندو. ان مان ظاهر اهو پيو ٿئي ته هُو صدر بائيڊن جي وائٽ هائوس ۾ اچڻ جو انتظار پيا ڪن”. سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته “جيڪڏهن ايران اهو سمجهي ٿو ته صدر جوبائيڊن پابنديون هٽائڻ لاءِ تيار آهي ۽ نيوڪليئر معاهدي کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو ته ايران به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو چاهي اسرائيل ڪجھه به ڪري”. سڄي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته ايران جي جوهري پروگرامن تي حملو ايران کي ڪمزور ڪندي نظر ايندو پر ڪجھه ماهرن جو خيال آهي ته اهو ايران ۾ انهن ماڻهن جي آواز کي سگهارو ڪري سگهي ٿو جيڪي ايران جي نيوڪلئير پروگرام بابت سخت موقف رکندا آهن”.