ڀارتي رياست راجستان ۾ اجمير ضلعي جي رهاڪو دهرميندر انيجا هن وقت پوري ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو آهي، جنهن جو سبب هُن طرفان پنهنجي زال کي چنڊ تي پلاٽ تحفي ۾ ڏيڻ آهي. غير ملڪي خابرو اداري سان ڳالهائيندي هُن جو چوڻ هيو ته “منهنجو خواب هيو ته مان پنهنجي زال کي چنڊ تي پلاٽ تحفي طور پيش ڪيان. پر اهو ڪرڻ آسان ڪم نه هيو. ان کي ممڪن بنائڻ ۾ کوڙ ساريون رڪاوٽون آيون جنهن کي منهن ڏئي نيٺ خواب پورو ڪيو”. دهرميندر ٻڌايو ته چنڊ تي پلاٽ خريد ڪرڻ لاءِ هُن هڪ “لونا سوسائٽي انٽرنيشنل” نالي آمريڪي ڪمپني ۾ درخواست ڏني جنهن بعد هن جي درخواست ڪيترن ئي مرحلن مان گذري. ان سڄي عمل دوران ڪمپني طرفان ڪيترائي ڀيرا ويڊيو ڪانفرنس ذريعي مونسا رابطو ڪيو ويو ۽ منهنجي خانداني توڙي واپاري حيثيت بابت تفصيل گهري وئي. هِن سڄي عمل ۾ هڪ سال گذري ويو جنهن بعد ڪمپني طرفان آخرڪار هي ڪاروائي پڄاڻي پهتي ۽ منهنجي گهرواري چنڊ تي پلاٽ جي مالڪ ٿي وئي.
چنڊ تي پلاٽ جا ڪاغذ تحفي ۾ ملڻ تي دهرميندر جي گهرواري سپنا انيجا جو چوڻ هيو ته “سالگره تي جڏهن مونکان پڇيو ويو ته تحفي ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو، مان سوچيم ته ڪار، زيور، يا ڪا اهڙي شيءِ هوندي پر چنڊ تي پلاٽ جا ڪاغذ ملڻ تي مونکي ائين لڳو ڄڻ مان چنڊ تي آهيان”.
واضع رهي ته چنڊ تي پلاٽن جي خريداري ٻن قسمن ۾ ٿي سگهي ٿي. ڪجھ پلاٽن جي ملڪيت جو مدو هڪ سال آهي جڏهن ته ڪجھ جو مدو 49 سال آهي. دهرميندر طرفان ورتل پلاٽ جو مدو 49 سالن جو آهي جنهن وچ ۾ هو پلاٽ وڪرو ڪري سگهي ٿو يا وري ان پلاٽ جي اراضي ۾ تحقيق ٿيڻ جي نتيجي ۾ هُن کي رائلٽي پڻ ملندي رهندي.