سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڌيڪ منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب، نئين سال جي موقعي تي چئن نون ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو. مرتضيٰ وهاب، مين عظيم پورا روڊم، شاهه فيصل ڪالوني ۾ آبشار مونومنٽ ۽ لانڍي ۾ نقلي چڙيا گهر جو افتتاح ڪيو. سنڌ حڪومت جي ترجمان لانڍي چراغ هوٽل ويجهو دانش حسين پارڪ، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي سيڪٽر ست ۾ گرين بيلٽ جو افتتاح به ڪيو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ترقياتي ڪم عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ شروع ڪيا ويا آهن، سنڌ سرڪار بنا فرق جي شهرين جي خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي تي يقين رکي ٿي. مرتضيٰ وهاب چيو ته هڪ طرف سليڪٽيڊ حڪمران آهن، جن نئين سال تي عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي تحفو ڏنو. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت عوام جي مسئلن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...