نئين سال 2021 جي امن، سڪون، سلامتيءَ ۽ خوشحالي جون دعائن سان آجيان، سنڌ سميت ملڪ ۾ نوجوانن جو جشن، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نئين سال جي آمد تي آتشبازي، نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۽ تائيوان ۾ جشن ملهايو ويو، ڪيترن ئي هنڌن تي ڪورونا وائرس سبب نئين سال جا ڪيترائي جشن ملتوي، برطانوي سرڪار به سموريون تقريبون رد ڪري ڇڏيون، 21 ورهين ۾ پهريون ڀيرو لنڊن آءِ نه سينگاري وئي، شهر اداري جو ڏيک ڏيڻ لڳو، هر طرف خوف ڇانيل، حڪومت طرفان عوام کي گهرن ۾ رهي نئين سال جي آجيان ڪرڻ جي هدايت.