مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اسلام آباد ۾ بيگناهه شاگرد جي قتل جو ڪير ذميوار آهي؟ ٽوئٽر تي هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته رات جو پورهيو ڪري پنهنجي گهر وارن لاءِ حلال رزق ڪمائيندڙ بي ڏوهي شاگرد جي قتل جو ڪير ذميوار آهي؟ هن چيو ته انساني جان جي حرمت جهڙي نموني اڍائي سالن دوران لتاڙي وئي تنهن جو مثال نه ٿو ملي. مريم نواز چيو ته هنن پي ٽي آءِ جهڙي بي حس حڪومت اڄ تائين نه ڏٺي آهي. ٻئي طرف پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته اسلام آباد واقعي جو ذميوار وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد آهي. هن چيو ته شيخ رشيد خوف ۽ دهشتگرديءَ جو ماحول پيدا ڪري گڏڙي حڪومت کي بچائي نه ٿو سگهي. سندس چوڻ هو ته شرم جوڳو رخ اهو آهي ته ننڍي ننڍي ڳالهه تي ميڊيا تي ظاهر ٿيندڙ گهرو وزير جي نوجوان جي قتل تي مجرماڻي خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي. نيئر بخاري چيو ته حڪومت پي ڊي ايم جي تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ خوف ۽ دهشت جو ماحول قائم ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته شيخ رشيد پاڻ بي اولاد آهي تنهن ڪري کيس احساس ناهي ته اولاد جو درد والدين لاءِ ڪيترو ڏکائتو هوندو آهي.