اسلام آباد ۾ پوليس هٿان مارجي ويل نوجوان شاگرد اساما جي قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. اسلام آباد جي چيف ڪمشنر دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ايڪٽ جي سيڪشن 19 تحت پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل اساما جي موت جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا جلد کان جلد جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي. نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي جو سربراهه ايس پي صدر سرفراز ورڪ هوندو، ڊي ايس پي رمنا ٿاڻو، ڊي ايس پي جاچ ۽ ايس ايڇ او رمنا ٿاڻي کانسواءِ آءِ ايس آءِ ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جو هڪ هڪ نمائندو به جي آءِ ٽي جو حصو هوندا. ٻئي طرف پ پ اڳواڻ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر اساما نديم جي قتل جو واقعو سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته خطرناڪ قسم جا هٿيار آخري آپشن هئڻ گهرجي، معاملو 6 جنوري تي رٿيل اجلاس ۾ اٿاريو ويندو.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...