مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مچ ۾ ايڏو ظلم ٿي ويو، مقتولن جا وارث سخت ٿڌ ۾ ويٺا آهن، وزيراعظم عمران خان ڪٿي آهي؟ جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ڪوئلي جي کاڻ ۾ محبت ڪندڙ پورهيتن کي بي گناهه قتل ڪيو ويو، پر وزيراعظم خاموش آهي. هن چيو ته عمران خان پي ڊي ايم تي روز اجلاس گهرائي ٿو، هزارا برادري جي قتل تي اجلاس ڇو نه گهرايو ويو مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب ٽي وي ئي ڏسو ته جيئن اوهان کي خبر پوي ته مچ ۾ ڪيڏو وڏو ظلم ٿيو آهي. ن ليگ جي ترجمان چيو ته مخالف ڌر ۾ هجڻ وقت عمران خان ڪنهن به واقعي تي وزيراعظم کان 24 منٽن ۾ پهچڻ جو مطالبو ڪندڙ هاڻي جڏهن پاڻ وزيراعظم آهي ته ڇو خاموشي آهي؟.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...