ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ۽ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ 93 هين سالگره ملهائي پئي وڃي. سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيدن جي آخري آرامگاهه تي قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ اعجاز لغاري، نثار مراد ڀٽو، منصور سومري سميت پيپلز پارٽي سٽي نئون ديرو ۽ تعلقي رتوديرو جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. قرآن خوانيءَ بعد اجتماعي دعا گهري سوين پارٽي ڪارڪنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪري گل نڇاور ڪيا. شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد سوين ڪارڪنن جو قافلو ڳڙهي خدابخش ڀٽو اسپتال ۾ پهتو، جتي پيپلز ڊاڪٽرز فورم پاران اکين جي علاج لاءِ ڪئمپ پڻ لڳائي وئي ڪيمپ تي سوين مريضن جي اکين جي چڪاس ڪرڻ بعد کين مفت دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون. نوابشاهه ۾ پ پ شھيد ڀٽو طرفان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 سالگرھ ملهائي وئي. پريس ڪلب ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ لالا انور ڀٽي، اعجاز ميراڻي، وسيم ڀٽي، مختيار سنڌي، نعمان جمالي، شھزاد ميمڻ ۽ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو مشن گھر گھر پھچائڻ ۽ پارٽي چيئرپرسن غنوا ڀٽو تي ڀھرپور اعتماد جو اظهار پڻ ڪيو.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...