شيخ ڀرڪيو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو. ڳوٺ باگو ٽنگڙي ۾ ٻن ڌرين ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جوابدار جبار ٽنگڙي فائرنگ ڪري پنهنجي ماسات شڪيل ٽنگڙي کي زخمي ڪري وڌو. زخمي کي اسپتال نيو پئي ويو هو ته هن رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. پٻڻ پوليس شڪيل ٽنگڙي جو مڙهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو. مقتول شڪيل جو مڙهه گهر آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتان وڌڻ سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو .
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...