ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 46 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد انگ وڌي 10 هزار 644 ٿي ويو، جڏهن ته پنج لک 2 هزار 416 ماڻهو ڪورونا وبا جو شڪار ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب، ٻه هزار 899 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 5 لک 2 هزار 416 متاثر ٿي ويو آهي. ترجمان موجب، 4 لک56 هزار 969 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 34 هزار 803 آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ هڪ لک 44 هزار904، سنڌ ۾ 2 لک 25 هزار509 ۽ ڪي پي ۾ 60 هزار 148 ڪورونا جا ڪيس آهن. ترجمان جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ 18 هزار 373، اسلام آباد ۾ 39 هزار 120، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 478 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 879 ڪورونا جا مريض آهن.