پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، هو دوحه ۾ شروع ٿيل بين الافغان ڳالهين جي ٻي مرحلي جي شروعات کي ڀليڪار ڪن ٿا. افغان حزب وحدت اسلامي جي اڳواڻ محمد ڪريم خليل وفد سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گهاٽا تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو شروع کان ئي موقف رهيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪو به فوجي حل ناهي، افغان قيادت لاءِ جامع ۽ قبولڻ جوڳيون سياسي ڳالهيون ئي مسئلي جو اڪيلو حل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين ۾ طئه ڪيل فيصلن کي ڀليڪار ڪيو ويندو، اهو افغان قيادت وٽ سٺو موقعو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته بدقسمتي سان ڀارت افغانستان ۾ سپائيلر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت دنيا آڏو سامهون رکيا ويندا. افغان حزب وحدت اسلامي افغانستان جي سربراهه محمد ڪريم خليليءَ شاندار آجيان تي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...