سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سيد قائم علي شاهه، عدالت ۾ پيش ٿيو. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار جي خلاف احتساب عدالت ۾ عبوري ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عبوري ريفرنس ۾ قائم علي شاهه شامل ناهي، سندس خلاف ضمني يريفرنس داخل ڪيو ويندو. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...