سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 11 مريض فوت ۽ 1235 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، وڌيڪ 647 مريض صحتياب ٿيڻ بعد صوبي ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 17 هزار 424 رهجي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس بابت بيان جاري ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 8 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1235 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، هيل تائين 25 لک 38 هزار 843 ٽيسٽون ڪيون ويون ويون، جن مان 2 لک 31 هزار 953 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته وڌيڪ 11 مريض فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 3755 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته وڌيڪ 647 مريض صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد صحت ماڻيندڙن جو انگ 2 لک 10 هزار 774 ٿي ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ علاج هيٺ 17 هزار 424 مريضن مان 16 هزار 525 گهرن، 12 آئسوليشن مرڪزن ۽ 887 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 817 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ۽ 92 وينٽيليٽر تي آهن. وڏي وزير چيو ته نون ڪيسن مان 979 جو تعلق ڪراچي سان آهن، جن مان 351 ڏکڻ ضلعي، 293 اوڀر ضلعي، سينٽرل ۾ 121، ڪورنگي ۾ 119، ملير ۾ 54 ۽ اولهه ضلعي ۾ 41 ڪيس رپورٽ ٿيا. سيد مراد علي شاهه چيوته حيدرآباد ۾ 48، مٽياري ۾ 27، ڄامشوري ۾ 24، ٽنڊي الهيار ۾ 21، شهيد بينظيرآباد ۾ 19، ٺٽِي ۾ 19، جيڪب آباد ۾ 16، گهوٽڪي ۾ 7، خيرپور، شڪارپور ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 6-6، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ 5-5، قمبر ۽ سجاول ۾ 4-4، نوشهروفيروز ۽ عمرڪوٽ ۾ 3-3، ڪشمور ۾ 2 ۽ ميرپورخاص ۾ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو.