سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاناما ۽ براڊ شيٽ ڪرپٽ مافيا کي وائکو ڪيو آهي، ظاهر ٿيو ته اين آر او وٺي ڪيئن ملڪ کي نقصان پهچايو ويو. ٽوئٽ تي بيان جاري ڪندي شبلي فراز چيو ته پاناما ۽ براڊ شيٽ ڪرپٽ مافيا کي وائکو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪاري ناڻي بابت الزام هنن نه لڳايا آهن، مخالفن جي ڪرپشن بابت عالمي اداري انڪشاف ڪيو. شبلي فراز چيو ته ظاهر ٿيو ته اين آر او وٺي ڪيئن ملڪ کي نقصان پهچايو ويو. سندس چوڻ هو ته ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن عوام کي ڦريو آهي. وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته اڳوڻن ڪرپٽ حڪمرانن پنهنجا گهر ڀريا ۽ پاڪستان جي عوام جي ڦرلٽ ڪئي.