ن ليگ پنجاب جي صدر ايم اين اي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سليڪٽيڊ کي ليز تي هلايو پيو وڃي، الله ڪري ڪڏهن سندس ليز جيان ضبط ٿيڻ جي خبر اچي، پرڏيهي فنڊنگ ۾ ملڪ دشمن قوتن به حصو ورتو، اسرائيل ۽ ڀارت کان به پيسا آيا، حڪومت هلائيندڙن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت هلائيندڙ پوئتي هٽن تي پي ٽي آءِ حڪومت هفتو به نه هلي سگهندي. هن چيو ته سليڪٽيڊ کي ليز تي هلايو پيو وڃي، جهاز به ليز تي ضبط ٿي رهيا آهن، الله ڪري ڪڏهن سليڪٽيڊ جي به ليز جيان ضبط ٿيڻ جي خبر اچيَ. راڻا ثناءُ الله چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ۾ ملڪ دشمن قوتون حصو ورتو، اسرائيل ۽ ڀارت کان به پيسا آيا آهن، حڪومت هلائيندڙ پوئتي هٽن ته حڪومت هڪ هفتو به هلي نه سگهندي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته هنن فارن فنڊنگ تي جواب جمع ڪرايو آهي، پي ٽي آءِ وارا به ڏين. راڻا ثناءُ الله چيو ته مولانا فضل الرحمان لانگ مارچ پنڊي طرفن ڪرڻ جو چيو، فيصلو ناهي ڪيو، ان جو فيصلو سڀني جي صلاح مشوري سان ٿيندو. هن چيو ته پي ڊي ايم جلسن جو چيو ته حڪمرانن چيو ته جلسا نه ڪندا ۽ پر هنن ڪري ڏيکاري، لانگ مارچ ۾ مريم نواز جي اڳواڻيءَ ۾ سڄو پنجاب هلندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ڪميشن 2018ع جون شفاف چونڊن ڪرائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو، عوام حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿو، حڪومت کي غيرقانوني فنڊنگ جو جواب ڏيڻو پوندو، 19جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج ڪيو ويندو.
حڪومت پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو
حڪومت پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو، پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 2، 2 رپيه...