پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر مان ڪو خطرو ناهي، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، ووٽ کي عزت ڏيو جو کوکلو نعرو دفن ٿي چڪو آهي. پنهنجي بيان ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته عوام ڪرپشن کي نه پر شفافيت کي ووٽ ڏئي چونڊيو، بد قسمتي سان پي ڊي ايم قومي مفادن کي اهميت نه پئي ڏئي. هن چيو ته هڪ طرف شفاف ۽ ايماندار قيادت آهي ۽ ٻي طرف عبرت جي تصوير بڻيل اڳوڻا حڪمران آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ترقي جي سفر ۾ ڪنهن کي رنڊڪ وجهڻ نه ڏني ويندي. عثمان بوزدار چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو کوکلو نعرو دفن ٿي چڪو آهي، حڪومت کي مخالف ڌر مان ڪو خطرو ناهي، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته ترقي جي سفر ۾ رنڊڪون وجهڻ وارن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...