وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 19 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز بورڊ جي چيئرمين جي مقرري يورو بونڊز ۽ سڪوڪ ۾ ٽيڪس ڇوٽ سميت 15 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. vوزرياعظم جي صدارت هيٺ 19 جنوري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ملڪي موجودا سياسي، معاشي، ڪورونا صورتحال ۽ ويڪسين بابت جائزو ورتو ويندو. bڪابينا جي 15 نقاطي ايجنڊا تحت سول سروس ريفارمز بابت بريفنگ، پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز بورڊ جي چيئرمين جي مقرري، يورو بونڊز ۽ سڪوڪ ۾ ٽيڪس ڇوٽ بابت غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ بجلي ۽ گيس جا نوان ميٽر جا ٺڪاڻا ختم ڪرڻ بابت ڪميٽي، وزيراعظم جي خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن جي مقرري بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪابينا جي نئين سر جوڙ جڪ بابت غور ڪيو ويندو. ڪابينا طرفان ڪراچي ڍوڪ ليبر بورڊ جي منظوري، اين ٽي ڊي سي جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي مقرري، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي فصيلن جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي. ادارن ۾ سڌارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي گذريل اجلاس جي فيصلن ۽ سي سي ايل سي جي فيصلن جي منظوري به ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...