اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ کي گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي نرگوسا ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران تحريڪ طالبان سجنا گروپ جا ٻه دهشتگرد عثمان علي ۽ وحيد عرف لاشتي مارجي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد بارودي سرنگهه ٺاهڻ ۽ دهشتگردي جي سکيا ڏيڻ ۾ ماهر هئا. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا.