رڪاوٽون، ڪنڊيدار تارون ۽ نيشنل گارڊن جو وڏو انگ مقرر ڪيو ويو، آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ٽرمپ جا حامي روڊن تي نڪري آيا، سڪيورٽي اهلڪارن جو انگ مظاهرين کان وڌيڪ هو، جوبائيڊن جي قسم کڻڻ واري تقريب سڀاڻي ٿيندي. آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جي قسم کڻڻ واري تقريب کان اڳ واشنگٽن ڊي سي جي ريڊ زون کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. آمريڪا جي گادي واري شهر ۾ رڪاوٽون، ڪنڊيدار تارون ۽ نيشنل گارڊن جو وڏو انگ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته روڊ رستا ويران آهن. آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ٽرمپ جا حامي روڊن تي نڪري آيا جڏهن ته سڪيورٽي اهلڪارن جو انگ مظاهرين کان وڌيڪ هو. آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جي قسم کڻڻ واري تقريب سڀاڻي ٿيندي.
ايران جي آمريڪا کي ڌمڪي
نيوڪلئير پلانٽ تي اسرائيلي حملي بعد ايران آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هُو پابندين ۽ نيوڪلئير حملن بابت پنهنجي...