وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته مخالف ڌر کي پرامن احتجاج جي اجازت ڏني آهي، اميد ته مخالف ڌر قانون هٿن ۾ نه کڻندي. پي ڊي ايم جي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج دوران گهرو وزارت ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير شيخ رشيد صورتحال کي پاڻ مانيٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شيخ رشيد احمد گهرو سيڪريٽري نسيم کوکر سان گڏ ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ڪئمرائن ذريعي اسلام آباد جي داخلي رستن جي سخت نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته شاهراهه دسترو تي پهريون ڀيرو احتجاج جي اجازت ڏني وئي آهي، اميد ته پي ڊي ايم پنهنجي احتجاج کي پرامن رکندي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري مخالف ڌر جي احتجاج ۽ امن امان لاءِ انتظامن بابت بريفنگ ڏني.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...