وزيراعظم عمران خان، وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بلوچستان ۽ وزيرستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ ڪامياب جواب پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪوشش آهي ته پٺتي پيل علائقن کي ترقي وٺرائجي، انهن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويندا. هن چيو ته سندن سڀ کان وڏي طاقت نوجوان آهن، جن کي سٺي تعليم ۽ فني تربيت ڏني وڃي ته اهي نه رڳو خاندان پر ملڪي معيشت جي بهتريءَ ۾ به ڪردار ادا ڪري سگهندا. عمران خان چيو ته دشمن جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙيو وڃي، بلوچستان ۽ وزيرستان ۾ حالتون خراب ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ پاڪستان ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان ڪري موبائيل فون تي انٽرنيٽ سرورس شروع ڪئي پئي وڃي، هن فوج سان ڳالهايو آهي ۽ فيصلو ڪيو آهي ته اها سهولت فراهم ڪئي وڃي، وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي سروس کولي وڃي. سندس چوڻ هو ته وزيرستان ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو غريب جي لڪير جي هيٺين سطح تي آهن، احساس پروگرام تحت غريب ماڻهن کي پيسا ڏنا ويندا. عمران خان چيو ته ڏکڻ وزيرستان جا ماڻهو سدائين پاڪستان لاءِ بيٺا آهن، ڪيترن ئي ماڻهن ڪوشش ڪئي ته قبائلي علائقا صوبي ۾ ضم نه ٿي، وقت ثابت ڪندو ته اهو قبائلي علائقن لاءِ بهترين فيصلو هو. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ به اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ٺاهي ويندي.