• Latest
آمريڪا جي گهڻ نسلي سماج جي نمائندگي ڪندڙ صدر بائيڊن جي ٽيم!

آمريڪا جي گهڻ نسلي سماج جي نمائندگي ڪندڙ صدر بائيڊن جي ٽيم!

جنوري 21, 2021
مٺي جي سول اسپتال ۾ مختلف بيمارين وگهي ٽي ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا

مٺي جي سول اسپتال ۾ مختلف بيمارين وگهي ٽي ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا

فيبروري 26, 2021
حڪومت ايف اي ٽي ايف جي باري ۾ قوم کي حقيقتن کان آگاهه ڪري،شازيه مري

حڪومت ايف اي ٽي ايف جي باري ۾ قوم کي حقيقتن کان آگاهه ڪري،شازيه مري

فيبروري 26, 2021
سپريم ڪورٽ اسلام آباد انتظاميه کي وڪيلن جا وڌيڪ چيمبر ڪيرائڻ کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ اسلام آباد انتظاميه کي وڪيلن جا وڌيڪ چيمبر ڪيرائڻ کان روڪي ڇڏيو

فيبروري 26, 2021
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ر ولو ڪتن ٻن نينگرن  سميت پنجويهه ڄڻن کي کي ڏارهي زخمي ڪري ڇڏيو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ر ولو ڪتن ٻن نينگرن سميت پنجويهه ڄڻن کي کي ڏارهي زخمي ڪري ڇڏيو

فيبروري 26, 2021
ليڊي گاگا طرفان پنهنجي ڪُتن جي بازيابي لاءِ 5 لک ڊالر انعام جو اعلان

ليڊي گاگا طرفان پنهنجي ڪُتن جي بازيابي لاءِ 5 لک ڊالر انعام جو اعلان

فيبروري 26, 2021
تبديلي سرڪار عوام تي پئٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيو

تبديلي سرڪار عوام تي پئٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيو

فيبروري 26, 2021
اسرائيل طرفان آمريڪا کي آءِ سي سي تي پابنديون برقرار رکڻ جي اپيل

اسرائيل طرفان آمريڪا کي آءِ سي سي تي پابنديون برقرار رکڻ جي اپيل

فيبروري 25, 2021
SindhTvNews
No Result
View All Result
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
No Result
View All Result
SindhTvNews

آمريڪا جي گهڻ نسلي سماج جي نمائندگي ڪندڙ صدر بائيڊن جي ٽيم!

Sindh tv by Sindh tv
جنوري 21, 2021
in بين الاقوامي
0
آمريڪا جي گهڻ نسلي سماج جي نمائندگي ڪندڙ صدر بائيڊن جي ٽيم!
Twitter

(انٽرنيشنل ڊيسڪ ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪمالا هيرس حلف کڻي پنهنجي دور جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. بائيڊن -هيرث دور جي شروعات ۾ سڀ کان دلچسپ ڳالهه سندن ڪابينا ۽ مک ٽيم آهي، جيڪا آمريڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ “گهڻ نسلي” ڪابينا ۽ ٽيم آهي، جنهن ۾ نه صرف گورا، ڪارا، ڏکڻ ايشيائي، عرب، لاطيني، اصلوڪا آمريڪي توڙي چيني نسل سان تعلق رکندڙ آمريڪي شهري شامل آهن. پر ان سان گڏوگڏ سندس ٽيم ۾ مسلمان، عيسائي، هندو، سک، ۽ ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ عورتون توڙي مرد شامل آهن. آمريڪا جي تاريخ جي پهرين عورت نائب صدرڪمالا هيرس جو پي گورو ۽ سندس ماءُ ڀارتي آهي جڏهن ته بائيڊن ٽيم ۾ شامل پينٽاگون ۽ دفاع واري کاتي جو سربراه ڪاري چمڙي وارو، هوملينڊ سڪيورٽي جو سربراه ڪيوبا سان تعلق رکندڙ  لاطيني، ڪيبينيٽ سيڪريٽري مقامي آمريڪي  ۽ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري هڪ هم جنس پرست آهي. صدر بائيڊن جي ٽيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ميمبر اهڙا آمريڪي آهن جيڪي ڀارتي خانداني پسمنظر رکن ٿا. جن ۾ عورتن جو انگ 13 آهي. انهن مان نيرا ٽنڊن جيڪا آمريڪا جي هڪ اهم ٿنڪ ٽينڪ سينٽر فارآمريڪن پروگريس جي هيڊ آهي، انکي هائوس مينيجمينٽ ايند بجيٽ جي ڊائريڪٽر جهڙي اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر وويڪ مرٿي کي ميڊيڪل اينڊ هيلٿ جي شعبي جو سربراه مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر مرٿي بائيڊن جي ڪورونا وبا ايڊوائزري بورڊ ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي.

صدر بائيڊن جي ٽيم ۾ ٽي ڪشميري عورتون پڻ شامل آهن. انهن مان عائشه شاه کي وائٽ هائوس جي ڊيجيٽل اسٽريٽجي بابت آفيس ۾ پارٽنرشپ مينيجر مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سميرا فاضلي کي نيشنل اڪانومڪ ڪائونسل ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. سميرا فاضلي ان کان اڳ نيشنل اڪانومڪ ڪائونسل ۽ آمريڪي خزاني واري کاتي ۾ سينئر پاليسي ايڊوائزر طور ڪم ڪري چڪي آهي. فاضلي جي بائيڊن ٽيم ۾ نامزدگي واري خبر جڏهن سرينگر ۾ سندس خاندان تائين پهتي ته انهن جي چهرن تي خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. سميرا جي چاچي رئوف فاضلي جو ان موقعي تي چوڻ هيو ته انهن لاءِاها ڪافي فخر جي ڳالهه آهي سندن نياڻي آمريڪي صدر جي مک ٽيم ۾ اهم عهدو ماڻيو آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته توڙي جو جڏهن سميرا جا والدين آمريڪا لڏي ويا هئا سميرا ان وقت ڄائي به نه هئي پر تنهن هوندي به ڪشمير سان سندس لاڳاپو گهرو آهي. جڏهن ته هڪ ٻي ڪشميري عورت عزره ضيا کي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ سويلين سيڪيورٽي، ڊيموڪريسي اينڊ هيومن رائٽس بابت انڊر سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. عزره ضيا صدر اوبامه جي دور ۾ عرب اسپرنگ بابت سندس صلاحڪار هئي.

RelatedPosts

ليڊي گاگا طرفان پنهنجي ڪُتن جي بازيابي لاءِ 5 لک ڊالر انعام جو اعلان

برما ۾ فوج مخالف مظاهرا جاري

لداخ سرحدي تڪرار:چين طرفان پهريون ڀيرو فوجين جي مارجڻ جو اعتراف

نه رڳو اهو پر دلچسپ ڳاله اها آهي ته آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي شهرين کانسواءِ ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ آمريڪي شهري به بائيڊن-هيرس  ٽيم ۾ اهم عهدن تي مقرر ڪيا ويا آهن. جن ۾  پاڪستان سان تعلق رکندڙ آمريڪي شهري علي زيدي ڊپٽي نيشنل ڪلائميٽ ايڊوائزر، سري لنڪا سان تعلق رکندڙ روهيني ڪوسولگو نائب صدر لاءِ ڊوميسٽڪ پاليسي ايڊوائزر، بنگلاديش سان تعلق رکندڙ آمريڪي شهري زين صديقي وائٽ هائوس جي ڊپٽي چيف آف اسٽاف مقرر ڪيا ويا آهي.

بائيڊن-هيرث ٽيم ۾ عرب ملڪن سان تعلق رکندڙ آمريڪي شهرين ۾ 15 سالن جو سياسي تجربو رکندڙ فلسطيني ريما ڊوڊن کي وائٽ هائوس لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

بائيڊن ۽ هيرس جي چونڊ مهم ۾ سينئر ايڊوائزر طور ڪم ڪندڙ ونئي ريڊي کي صدر جي تقرير لکڻ بابت ڊائريڪٽر ،ودانت پاٽيل کي اسسٽنٽ پريس سيڪريٽري، جڏهن ته سول رائٽ اٽارني ونيتا گپتا کي ڊپارٽمنٽ آف جسٽس ۾ ايسوسي ايٽ اٽارني جنرل  جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

آمريڪا جي فرسٽ ليڊي، ڊاڪٽر جل بائيڊن جي ٽيم ۾ پڻ ڏکڻ ايشيا سان تعلق رکندڙ ٽن عورتن، مالا اديگا کي پاليسي ڊائريڪٽر، گريما ورما کي ڊجيٽل ڊائريڪٽر ، سبرينه سنگهه کي ڊپٽي پريس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

صدر بائيڊن جي اڳواڻي ۾ جڙندڙ نئين آمريڪي انتظاميا ۾ شامل گهڻ رخي ٽيم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ٽرمپ دور ۾ نسل ۽ رنگ جي بنياد تي نفرتن جو ٻج پوکڻ جي جيڪا شروعات ڪئي وئي هئي،  ان دور جي پڄاڻي ٿي رهي آهي.

 

Previous Post

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت ۽ ٽيهه زخمي ٿي پيا

Next Post

اپوزيشن جو مقصد نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، شبلي فراز

Related Posts

ليڊي گاگا طرفان پنهنجي ڪُتن جي بازيابي لاءِ 5 لک ڊالر انعام جو اعلان

ليڊي گاگا طرفان پنهنجي ڪُتن جي بازيابي لاءِ 5 لک ڊالر انعام جو اعلان

فيبروري 26, 2021
0

آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾  گلوڪارا ليڊي گاگا جي ڪُتن جو خيال رکندڙ شخص کان اڻڄاتل ماڻهون هٿيارن جي...

برما ۾ فوج مخالف مظاهرا جاري

برما ۾ فوج مخالف مظاهرا جاري

فيبروري 24, 2021
0

(انٽرنيشل ڊيسڪ) برما ۾ هزارين ماڻهن جو انڊونيشيا ۽ ٿائيلينڊ جي سفارتخانن آڏو مظاهرو اربع ڏهاڙي به جاري رهيو. مظاهرو...

لداخ سرحدي تڪرار:چين طرفان پهريون ڀيرو فوجين جي مارجڻ جو اعتراف

لداخ سرحدي تڪرار:چين طرفان پهريون ڀيرو فوجين جي مارجڻ جو اعتراف

فيبروري 19, 2021
0

(انٽرنيشنل ڊيسڪ ) چين طرفان پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو ويو آهي ته گذريل سال جون ۾ ڀارتي فوج سان ٿيندڙ...

گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

فيبروري 19, 2021
0

گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. انساني حقن بابت...

آمريڪي ۽ يورپي سفارتڪارن وچ ۾ ايران نيوڪلئير ڊيل بابت ڳالهيون

آمريڪي ۽ يورپي سفارتڪارن وچ ۾ ايران نيوڪلئير ڊيل بابت ڳالهيون

فيبروري 19, 2021
0

( انٽرنيشنل ڊيسڪ ) يورپي ۽ آمريڪي اهلڪارن وچ ۾ ايران نيوڪليئر ڊيل بابت ڳالهيون جاري آهن، جنهن ۾ آمريڪا...

برما ۾ فوج خلاف ملڪ گير مظاهرا

برما ۾ فوج خلاف ملڪ گير مظاهرا

فيبروري 18, 2021
0

(انٽرنيشنل ڊيسڪ) برما ۾ فوج جي اقتدار تي قبضي خلاف اربع ڏهاڙي هزارين ماڻهو ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر...

Next Post
اپوزيشن جو مقصد نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، شبلي فراز

اپوزيشن جو مقصد نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، شبلي فراز

  • Home 1

    عرب ملڪن پاران اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۾ وڏي اڳڀرائي

    501 shares
    Share 200 Tweet 125
  • سنڌ ۾ اي پي ايس ڀيٽا پيش لاءِ تقريبون ۽ ريليون

    495 shares
    Share 198 Tweet 124
  • ناليوارو اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو

    505 shares
    Share 202 Tweet 126
  • سنڌ سميت ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ تي ٻئي ڏهاڙي به سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري.

    492 shares
    Share 197 Tweet 123
  • سينيٽ چونڊ مارچ ۾ ٿيندي ۽ 2021 ۾ عمران خان پاڻ استعيفيٰ ڏيندو.منظور وساڻ

    493 shares
    Share 197 Tweet 123
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي