پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي امن بحال رکڻ لاءِ فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فنڊ جي اعلان جو مقصد اهو عهد ڪرڻ آهي ته دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رهنديون. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽر جنرل جي امن قائم ڪرڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته امن بحال رکڻ لاءِ پاڪستان دوستن دنيا جي لاءِ چئن کنڊن ۾ 46 کان وڌيڪ ماڻهن گڏيل حصو ورتو.هن چيو ته امن جي لاءِ بنيادي اصول نيشنل اونر شپ کي برقرار رهڻ گهرجي، انهي اصول جي تحت امن فنڊ جي سيڙپڪاري جا سمورا فيصلا ڪرڻ گهرجن.سندس چوڻ هو ته عوام تي پائيدار امن ٻاهر کان نٿو مڙهي سگهجي، جڏهن ته امن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ واري عملي کي تڪرار کان بچائڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ترقياتي يافته ملڪ وانگر پاڪستان به ڪورونا سبب متاثر ٿيو آهي عالمي وبا جي ڪري پاڪستان جي صحت جو نظام به دٻاءُ جو شڪار ٿيو.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...