پيٽروليم ڊويزن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرن جي منافعي ۾ واڌ لاءِ سمري ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي کي اماڻي ڇڏي آهي. دستاويز موجب پيٽروليم ڊويزن طرفان ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي کي اماڻيل سمري ۾ في لٽر پيٽرول تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرن جي منافعي ۾ هڪ رپيو 37 پئسا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن في لٽر ڊيزل تي به 95 پئسا واڌ جي تجويز ڏني آهي. پيٽروليم ڊويزن جي سمري اڄوڪي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايجنڊا ۾ شامل آهي.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...