اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فوج جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي ته 2018ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو تنهن جو ذميوار ڪير آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال سڀني سامهون آهي، ڪالهه هاءِ ڪورٽ جو واقعو ٿيو، اڄ ملڪي عدالتن جا به در بند ٿي ويا ۽ اهي به غير محفوظ آهن. هن چيو ته عدالتن ۾ جيڪي ڪيس آهن ۽ جيڪي فيصلا آهن تنهن جي دنيا کي خبر آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ عدالتن جي جو اهو حال هوندو ته وڏي ناانصافي هوندي. شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت وڪيلن سان اڳرائي ڪندي ته اڳيان به اڳرائي ئي ٿيندي. هن چيو ته ڪنهن جي آفيس يا ڪو هنڌ ڪيرائڻ لاءِ پهريون نوٽيس جاري ڪيو ويندو آهي، پهريون ٻڌايو ويندو آهي ۽ آگاهه ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن بنا ڪنهن ٻڌائڻ جي ۽ بنا نوٽيس جي گهر ڊاهيندا ته اسلام آباد وارو واقعو سڀني سامهون آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ جي حڪمرانن کي آئين ۽ قانون جي ڪابه پرواهه ناهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته فوج جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، جيڪو ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، 2018ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو تنهن جي ذميواري ڪنهن تي آهي. هن چيو ته جڏهن حڪومت بي شرم ٿي وڃي جڏهن عوام جي نمائندگي نه هجي ته اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي.
جي يو آءِ، عبدالغفور حيدري لاءِ سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جو عهدو گهري ورتو
جي يو آءِ، عبدالغفور حيدري لاءِ سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جو عهدو گهري ورتو آهي، جڏهن ته پ پ طرفان...