) انٽرنيشنل ڊيسڪ) روسي ميزائل خريد ڪرڻ ۽ ان کي شامي سرحد ويجهو لڳائڻ ڪري آمريڪا ۽ ترڪي جا لاڳاپا بحران جو شڪار رهيا آهن پر ترڪ دفاعي وزير هڪ تازو بيان ڏنو آهي ته ترڪي روسي ميزائل سسٽم کي سرحد کان هٽائڻ لاءِ غور ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ واضح هجي ته آمريڪا جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته ترڪي روس کان ورتل زمين کان هوا ۾ نشانو بڻائڻ جي سگهه رکندڙ ايس 400 ميزائل کي خارج ڪري. پر ترڪي طرفان اهي ميزائل نيٽو خلاف ڪنهن به مهم جي نتيجي ۾ منهن ڏيڻ لاءِ ورتا ويا هئا. انهن ميزائلن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا هميشه بحران ۾ رهيا آهن جيڪي شام واري مسئلي تي ويتر خراب ٿي ويا.
ترڪي دفاعي وزير هلوسي آڪر حريت نالي هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته “ترڪي يونان جيان ايس 400 ميزائل تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار آهي”. ياد رهي ته يونان ايس 300 ميزائل خريد ڪيا هيا جنهن کي پنهنجي ٻيٽ ڪريٽ تي نصب ڪيو هيو، پر غير ملڪي اعتراضن جي نتيجي ۾ يونان انهن ميزائلن کي ڪريٽ مان هٽائي راڄڌاني ڏانهن منتقل ڪيو. يونان جو مثال ڏيندي ترڪ دفاعي وزير جو چوڻ هيو ته “جيڪو ڪجهھ يونان ۾ ٿيو، اسان به ڪرڻ لاءِ تيار آهيون”. هُن انٽرويو ڏيندي چيو ته “ائين ناهي ته اسان انهن کي هميشه استعمال ڪنداسين، اهي رياست جي سڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ نصب ڪيا ويا آهن پر تنهن هوندي به اسان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ راضي آهيون”.
ساڳي طرح بلومبرگ پڻ هڪ رپورٽ ۾ ترڪ ۽ آمريڪي عملدارن پاران ڄاڻايو آهي ته ترڪي پنهنجي ڪجھه پوزيشنز تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار آهي ڇو ته هوُ مستقبل ۾ آمريڪا کان هٿيارن جا پرزا گهرائڻ چاهن پيا. نه رڳو اهو پر ترڪ حڪومت آمريڪا کي ڪردش ويڙهاڪ فورس جي حمايت کان به پاسي تي رکڻ چاهي پئي جيڪا آمريڪا جي شام ۾ مک حمايتي آهي ۽ جنهن جي ئي سبب آمريڪا داعش کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو. واضح رهي ته ڪرد آبادي جو وڏو حصو شام، عراق ۽ ترڪي ۾ پکڙيل آهي جنهن جي تحريڪ آهي ته ڪردستان نالي هڪ الڳ ملڪ انهن کي ڏنو وڃي. هي ڌار ٿيڻ جي تحريڪ ترڪي ۾ پڻ هلندڙ آهي جنهن خلاف ترڪي لاڳيتو ڪارروايون ڪندو آيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ترڪي شام ۾ ڪرد ويڙهاڪن جي وڌندڙ اثر جو مخالف آهي. ڪرد ويڙهاڪ تنظيم واءِ پي جي ۽ آمريڪا بابت ڳالهائيندي ترڪ دفاع واري وزير جو چوڻ هيو ته “آمريڪا ۽ اسان جي وچ ۾ جيڪو حساس موضوع آهي اهو واءِ پي جي آهي جنهن کي شام ۾ آمريڪي حمايت حاصل آهي. اسان ايس 400 ميزائل تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ راضي آهيون پر ساڳي طرح اسان اهو پڻ چاهيون ٿا ته آمريڪا ڪرد ويڙهاڪ تنظيم سان پنهنجن لاڳاپن ۽ حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو وٺي. ان معاملي ۾ جيڪڏهن اسان آمريڪا سان ڪنهن حل تي نه پهتاسين ته اهو مسئلو اتي ئي رهندو ۽ ڪو حل نه ملي سگهندو”. واضح رهي ته ايس 400 ميزائل جي مخالفت ۾ آمريڪا ترڪي سان ٿيل ايف 35 جهاز جو معاهدو معطل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته گذريل مهيني ترڪ صدر رجب طيب اردغان روس سان ميزائل جي ٻي قسط بابت هلندڙ ڳالهين جي پڻ پڪ ڪئي.
الجزيره جي ٿورن سان