وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا سينيٽ ٽڪيٽ وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۾ سڀ کان وڌيڪ پيسو مولانا فضل الرحمان ڪمايو. راولپنڊي جي علائقي سيدان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان ۾ سينيٽ جي هڪ ووٽ جو اگهه 70 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. هن چيو ته کيس ڪيترائي ڀيرا سينيٽ ٽڪيٽ وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، سڌي توڙي اڻ سڌي ريت سينيٽ جي سيٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪيو ويو. عمران خان چيو ته ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۾ سڀ کان وڌيڪ پيسو مولانا فضل الرحمان ڪمايو سندس چوڻ هو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي اوپن بيلٽ جو مطالبو ڪري چڪيون آهن، هو انهن مطالبي جي حمايت ڪري چڪو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اصل معاملو اهو آهي ته موجودا سسٽم تحت چونڊ ٿيڻ گهرجي يا نه؟ ان کان اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزريراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام ۾ پيسي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي پئي وڃي، جنهن کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته احساس پروگرام تحت سياسي بنياد تي پيسا نه ورهايا، مستحق نه هجڻ تي 3 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سنڌ ۾ سندن حڪومت نه هجڻ باوجود سڀ کان وڌيڪ پيسا ورهايا ويا، اتي غربت وڌيڪ هجڻ ڪري حقدارن کي پيسا ڏنا ويا. وزيراعظم چيو ته مستحق ماڻهن کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويندا.
سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي
پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته هر پارٽيءَ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، ن ليگ اليڪشن...