ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 62 مريض فوت ۽ هڪ هزار 72 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ملڪ ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ30 هزار 512 آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان چيو ويو ته وڌيڪ هڪ هزار 72 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن بعد ملڪ ۾ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 5 لک 57 هزار 591 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 72 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 12 هزار 128 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر موجب، صحت ماڻيندڙن جو انگ 5 لک 14 هزار 951 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب، ملڪ ۾ 30 هزار 512 مريض علاج هيٺ آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب، اسلام آباد ۾ 42 هزار188، خيبر پختونخواهه ۾ 68 هزار 786، سنڌ ۾ 2 لک 51 هزار 758، پنجاب ۾ هڪ لک 61 هزار 757، بلوچستان ۾ 18 هزار 891، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 291 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 920 ڪورونا جا مريض آهن. اين سي او سي موجب، پنجاب ۾ چار هزار 948، سنڌ ۾ 4 هزار157، ڪي پي ۾ هڪ هزار 970، بلوچستان ۾ 197، اسلام آباد ۾ 481، گلگت بلتستان ۾ 102 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 273 ڄڻا حياتي وڃائي چڪا آهن.
حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي: شاهد خاقان عباسي
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي، پيٽروليم شين جا اگهه...