سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا منگي اغوا ڪيس ۾ ملوث جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. دعا منگي اغوا ڪيس ۾ ملوث جوابدار فياض سولنگي جي ضمانت واري داخل درخواست تي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪئي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.پراسيڪيوٽر موجب جوابدار دعا منگي، بسمه ۽ بين جي اغوا ۾ ملوث آهي. نيب پراسيڪيوٽر موقف جوابدار فياض سولنگي جيل ۾ آهي. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پوليس سندس اصيل فياض سولنگي جو نالو بعد ۾ نامزد ڪيو. جوابدار وڪيل عدليل ڏيندي چيو ته شروعاتي جاچ ۾ سندس اصيل جو نالو شامل نه هو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار فياض سولنگي جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي.
وڌيڪ پڙهو