پيپلزپارٽي وزيراعظم جي هارس ٽريڊنگ بابت بيان تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته عمران خان جو هارس ٽريڊنگ بابت بيان انتهائي حساس آهي. جاري ڪيل بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته نيب چيئرمين وزيراعظم کي هارس ٽريڊنگ جي بيان تي طلب ڪري. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم 2018 ۾ ووٽ وڪرو ۽ خريداري بابت وڊيو تي پارٽي ميمبرن کي ڪڍيو. نيئر بخاري چيو ته ويسر جي خطرناڪ بيماري هجڻ سبب وزيراعظم کي حڪمراني جو حق ناهي.
وڌيڪ پڙهو